بريل سسٽم

بريل سسٽم

بريل سسٽم

بريل سسٽم: نابين ماڻهن کي پڙهائڻ جو هڪ طريقو، جيڪو فرانس جي ”لوئي بريل“ ايجاد ڪيو هو، اهو ڇهن اُڀريل نقطن تي مشتمل هو. بريل سسٽم مان مراد اکين کان معذور ماڻهن کي پڙهائڻ آهي. هن نظام موجب لفظ اڀريل هوندا آهن انهن کي ڇهڻ کان پوءِ پڙهيو ويندو آهي. اصل ۾ اهي اکر نه هوندا آهن، پر ڇهن نقطن سان اکرن ۽ انگن جون علامتون ٺاهيون وينديون آهن. اکين کان معذور ماڻهن کي حرف سڃاڻڻ جو اهو طريقو پيرس جي هڪ اسڪول جي استاد لوئي بريل 1835ع ۾ ايجاد ڪيو. لوئي بريل 1809ع ۾ پيدا ٿيو هو ۽ 1852 ۾ وفات ڪري ويو. لوئي بريل ٽن سالن جي عمر ۾ بينائيءَ کان محروم ٿيڻ کان جڏهن پنجن ڇهن سالن جو ٿيو ته کيس سندس ئي ڳوٺ جي هڪ پادريءَ وٽ پڙهائڻ لاءِ ڇڏيو ويو، جنهن هن کي مختلف شيون ياد ڪرايون. ان کان پوءِ کيس پادريءَ ڳوٺ جي عام اسڪول ۾ داخلا وٺرائي ڏني، جتي هن بنيادي تعليم حاصل ڪئي. ان کان پوءِ اُتان جي استاد جي مشوري تي هن جي والد سندس فرانس جي شهر پئرس ۾ موجود انسٽيٽيوٽ فار دي بلائينڊس ۾ داخل ڪرايو، جتي هن تعليم حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ساڳئي اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. سندس ايجاد ڪيل ڇهن اُڀريل نقطن مان 63 جدا جدا صورتون ٺهن ٿيون. فرينچ کان پوءِ انگريزيءَ، عربي، اردو، سنڌيءَ ۽ دنيا جي اڪثر ٻولين ۾ بريل سسٽم موجود آهي ۽ هن سسٽم تحت اسپيشل ايجوڪيشن ذريعي اسپيشل ٻارن کي پڙهايو ويندو آهي .


لفظ بريل سسٽمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1809.00.00  عيسوي

لوئي بريل 1809ع ۾ پيدا ٿيو.


1852.00.00  عيسوي

لوئي بريل 1852ع ۾ وفات ڪئي.


1835.00.00  عيسوي

لوئي بريل 1835ع ۾ بريل سسٽم ايجاد ڪيو.



مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابِينَ
پيٽ جا ڪيڙا
پرٽ
بهاگڙا
سرمو
تن 2
پڪوان
بندر
بزاز
حيات ڪوريءَ وارو تڪيو
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون